ڪراچي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڊسمبر 2024ع ۾ گرين لائين بس سروس سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيندي، سنڌ سرڪار گرين لائين بس سروس جو ڪاروھنوار سنڀالڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن.پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراچي جو پراڻو مسئلو آھي، اسين چاھيون ٿا ته ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ وڌ کان وڌ بھتري آندي وڃي ته جيئن عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگھي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ گرين لائين منصوبي کي اورينج لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي به تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٿي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گرين لائين ۽ اورينج لائين کي ڳنڍڻ واري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون.سينيئر صوبائي وزير چيو گرين لائين منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ واري نظام ۾ اھم جـُز آھي، وفاقي سرڪار پاران گرين لائين منصوبو ڊسمبر 2024 ع ۾ سنڌ سرڪار حوالي ڪيو ويندو. ھن چيو ته سنڌ سرڪار جي خواهش آهي ته گرين لائين ۽ اورينج لائين کي ڳنڍڻ وارو منصوبو ڊسمبر 2024ع کان اڳ ئي مڪمل ٿي وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران گرين لائين جي آپريشن لاءِ ساليانو 2 ارب رُپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سنڌ سرڪار اُن تي نظر ثاني ڪندي، گرين لائين منصوبو وفاق کان سنڌ سرڪار کي منتقل ٿيڻ بعد شھرين جي لاءِ ٽرانسپورٽ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بھتر بڻائڻ لاءِ اُن ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪيون وينديون. ھن چيو ته اڳواٽ ئي جاري سنڌ سرڪار جي پبلڪ ٽرانسپورٽ وارن منصوبن جي ڪري عوام سـُک جو ساھ کنيو آھي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي ايو شمائلا محسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.