ڪراچي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ کجور جي پيداوار ۾ سنڌ 57 سيڪڙو سان سرفهرست آهي. بهتر اپت لاءِ برساتن کي برداشت ڪندڙ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ جنسون پوکڻيون پونديون ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي پڻ اختيار ڪرڻو پوندو. وڏي وزير اها ڳالهه ڪالهه سنڌ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ڊيٽ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ مقامي ۽ عالمي هارين ۽ واپارين جي ڪوششن کي ساراهيو. مراد علي شاهه کجين جي پوکائي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ان کي ڪيش ڪراپ سمجهيو ويندو آهي. هي هڪ غذائي ۽ معاشي لحاظ کان اهم فصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻه لک 52 هزار ايڪڙن تي کجيون پوکيل آهن. 2022ع ۾ 7 لک 30 هزار ٽن پيداوار سان پاڪستان عالمي کجور مارڪيٽ جو هڪ اهم ڀائيوار بڻجي ويو آهي. وڏي وزير کجور جي پيداوار ۾ سنڌ جي نمايان ڪردار تي فخر ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪل پيداوار جو 57 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿي. بلوچستان ساڍا 33 سيڪڙو پيداوار سان ٻئي نمبر جڏهن ته خيبرپختونخواهه اڍائي سيڪڙو پيداوار سان ٽئين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ خيرپور مختلف قسمن جي کجين جو مرڪز آهي جتي اصيل سميت 300 کان وڌيڪ قسمن جون کجيون پوکيون وڃن ٿيون. قومي پيداوار ۾ اصيل جو حصو 70 سيڪڙو آهي. بلوچستان ۾ بيڪم جنگي ۽ مضاواتي مشهور قسم آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ڍُڪي قسم مشهور آهن. سنڌ جي وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ٽن ڏينهن وارو فيسٽيول ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ پائيدار زراعت کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته حڪومت زراعت جا جديد طريقا تيار ڪرڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن خاص طور تي گڏيل عرب امارات سان تعاون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه چيو ته نار وارن ملڪن جي طرز تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ذريعي ٿر ريگستان ۾ کجين جي پوک شروع ڪئي آهي. ڪيترن ئي تجربن کانپوءِ کجيءَ جي 38 قسمن جي نشاندهي ڪئي وئي جن مان 8 وڏي پيماني تي پوکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. کجين جا اهي 8 قسم پنجاب جي چولستان ريگستان جهڙن خشڪ علائقن ۾ پيداواري صلاحيت رکن ٿا جڏهن ته هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ کجور جا اڪثر قسم روايتي ۽ مقامي آهن جيڪي سڌي ريت ايڪسپورٽ لاءِ مناسب ناهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي کجور جا قسم عام طور تي هن موسم ۾ ٿيندڙ برساتن کي برداشت ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي نار وارن ملڪن مان برسات برداشت ڪندڙ قسم امپورٽ ڪرڻا پوندا يا جديد تحقيق ذريعي نوان قسم تيار ڪرڻا پوندا. ٽشو ڪلچر ٽيڪنالاجي پڻ کجور جي اعليٰ قسم جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وڏي وزير وڏن ۽ بهترين هارين کي سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام پڻ ڏنا. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ يو اي اي جي سفير حماد عبيد الزبي سان گڏ ربن ڪاٽي ۽ پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ڊيٽ فيسٽيول جو افتتاح ڪيو.