لنڊن -04 آڪٽوبر (اي پي پي )انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 5 آڪٽوبر ڇنڇر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ پهرين ميچ ڪرسٽل پيلس ۽ ليور پول جي ٽيمن وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ آرسنل ۽ سائوٿمٽن جي ٽيمن وچ ۾ ايمرٽس اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ ۾ برينٽ فورڊ ۽ وولور هيمپٽن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون اها ميچ جي ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم،برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ ليسٽر سٽي ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ ڪنگ پائور اسٽيڊيم، ليسٽر ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ اتحاد اسٽيڊيم مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي. ڇهين ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽڊ ۽ ايپسوچ ٽائون جون ٽيمون لنڊن اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ ايورٽن ۽ نيوڪيسل يونائيٽڊ وچ ۾ گڊيسن پارڪ، ليور پول ۾ کيڏي ويندي .اي پي ايل ۾ شامل 20 ٽيمون ٽائٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون جن ۾ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي، بورن مائوٿ،آرسنل، آسٽن ولا، برينٽ فورڊ، برائٽن اينڊ هوواليون ، چيلسي، ڪرسٽل پيلس ، ايورٽن ، فلهم ،ايپسوچ ٽائون ، ليسٽر سٽي ليور پول ، مانچسٽر يونائيٽڊ ، نيوڪيسل ، ناٽنگهم فارسٽ ، سائوٿمپٽن ،ٽوٽنهم هاٽ پور ، ويسٽ هيم ۽ وولور هيمپٽن شامل آهن.