بينگلورو-01 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڀارت هلندڙ مهيني 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي ميزباني ڪندو. ڀارتي ڪرڪيٽ اينڊ ڪنٽرول بورڊ (بي سي سي ) جي پڌرائي مطابق نيوزيلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندي جتي اها پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 16 آڪٽوبر کان ٿيندي. اها ميچ ايم چناسوامي اسٽيڊيم، بينگلور ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 آڪٽوبر تائين مهاراشٽرڪرڪيٽ ايسو سي ايشن اسٽيڊيم، پونا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين نومبر کان 5 نومبر تائين وان کنڊي اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها سيريز آئي سي سي ٽيسٽ چيپئين جو حصو هوندي.