ٽوڪيو -01 آڪٽوبر (اي پي پي ) فرانس جو ٽينس رانديگر آرٿر فلز ۽ فرانس جو يوگو همبرٽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب اي ٽي پي جاپان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي ويا آهن. اي ٽي پي جي اهتمام هيٺ جاپان اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا ٽوڪيو ۾ جاري آهن. مردن جي سنگل مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ فرانس جي ٽينس رانديگر آرٿر فلز سخت مقابلي کانپوءِ ڊينمارڪ جي هولگر روني کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو اي ٽي پي 500 جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪيو. ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائينل ميچ ۾ فرانس جي هي يوگو همبرٽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف جمهوريا چيڪ جي رانديگر ٽوماس مخاچ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.