ڪراچي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته جديد ترين شمسي ٽيڪنالاجي سان قومي پيداوار ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملي سگهي ٿي، ملڪ کي توانائي جي اڻاٺ ۽ روايتي تيل جي وڌندڙ قيمتن جي چئلينجن جو منهن ڏسڻو پيو پوي، سج جي توانائي جو استعمال ڪرڻ سان تيل تي دارومدار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. انهن خيالن جو اظهار هن لانگ سولر مصنوعات هاءِ ايم او ايڪس 10 ۽ هاءِ ايم او 9 جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب دوران ڪيو. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تجديد جوڳي توانائي جي رٿائن ۾ سيڙپڪاري کي همٿايو پيو وڃي، ان حوالي سان حڪومت، صنعتي ايسوسيئيشنز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. بعد ۾ گورنر شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪمپنين ۾ شيلڊ به ورهائي.