سکر – 27 سيپٽمبر(اي پي پي) روھڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪوئلي سان ڀريل مال بردار ريل گاڏي جي 07 بوگين کي اوچتو باھ لڳي وئي. خبر موجب ڪراچيءَ کان لاھور ويندڙ مال بردار ريل گاڏي جي 07 بوگين کي اوچتو باھ لڳي وئي جنھن بعد روھڙي ريلوي استيشن جي انتظاميا سکر ۽ روھڙيءَ جي فارئر برگيڊ عملي کي طلب ڪري ورتو. فائربرگيڊ عملي ھڪ ڪلاڪ بعد باھ تي مڪمل ضابطو آندو. ٻڌايو ويو آھي ته باھ سبب ڪو جاني نقصان ناھي ٿيو. ريلوي عملدار حادثي جي جاچ ڪري رھيا آھن.