ڪراچي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪمانڊر ڪوسٽ وائيس ايڊمرل راجا ربنواز ڪالهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر سنڌ چيو ته نيوي جي شهيدن ۽ غازين جي ڪري اڄ اسان جا سمنڊ ۽ سامونڊي وسيلا محفوظ آهن. هن وڌيڪ چيو ته نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن جو جذبو ملڪ ۽ قوم جي هر فرد لاءِ قيمتي سرمايو آهي. مضبوط ۽ ايمان جي جذبي سان ڀرپور پاڪ نيوي ملڪ جو فخر آهي. ملاقات ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي خاص ڪري ڪريڪ ايريا ۾ انفرا اسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتري تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.