ڪراچي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ آءِ ٽي انڊسٽري قائم ڪرڻ ۽ ڪراچي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي سهڪار سان پاڻي جا منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ريجنل ڊائريڪٽر فار پاڪستان اينڊ مڊل ايسٽ خواجه آفتاب احمد ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ آءِ ٽي انڊسٽري قائم ڪرڻ، ترقي ۽ ڪراچي لاءِ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي پارٽنرشپ سان پاڻي جا منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ خواجه آفتاب احمد کانسواءِ آءِ ايف سي جو پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مينيجر ذيشان شيخ به موجود هو. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير چيو ته حڪومت صوبي ۾ آئي ٽي انڊسٽري قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جنهن لاءِ آءِ ٽي پارڪ قائم ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت صوبي جي ٽن يونيورسٽين اين اي ڊي ڪراچي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ آءِ بي اي سکر ۾ آئي ٽي ڪورس شروع ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن صوبي جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي جتي 10 هزار نوجوانن کي سرٽيفڪيشن ڪورس ڪرايا پيا وڃن. آئي ايف سي جي ريجنل ڊائريڪٽر خواجه آفتاب احمد چيو ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ آئي ٽي انڊسٽري قائم ڪري نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي مٽا سٽا جو ناڻو ڪمائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ان سلسلي ۾ خانگي شعبي کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي پارڪ قائم ڪرڻ کانپوءِ آءِ ٽي شعبي جي ڊزائننگ، پيڪيجنگ ۽ تياري شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ، آءِ ٽي واري سيڪريٽري نور سمون ۽ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن پڻ شرڪت ڪئي.