دبئي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ سي سي وومنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم دبئي پهچي وئي. ڪپتان فاطمه ثنا جي اڳواڻيءَ ۾ قومي ٽيم دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان هوٽل پهتي. پاڪستاني وومين ٽيم (اڄ) اڱاري کان پريڪٽس شروع ڪندي. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم پهريون وارم اپ ميچ 28 سيپٽمبر تي اسڪاٽ لينڊ خلاف کيڏندي، جڏهن ته ٻيو وارم اپ ميچ 30 سيپٽمبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي. پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جو شروعاتي ميچ 3 آڪٽوبر (خميس) تي سريلنڪا خلاف کيڏندي، ٻيو ميچ 6 آڪٽوبر (آچر) تي مخالف ڌر ڀارت سان کيڏندي، جڏهن ته ٽيون ميچ 11 آڪٽوبر (جمعي) تي آسٽريليا ۽ چوٿون ميچ 14 آڪٽوبر (سومر) تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندي.