حيدرآباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جاري يوم دفاع فٽبال چيمپيئن شپ جو فائنل، ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ٽيم کٽي ورتو، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڪامياب ۽ ھاريل ٽيمن ۾ ٽرافيون ورھايون. جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ هڪ هفتي کان جاري دفاع واري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد فٽبال چيمپيئن شپ جو فائنل اينيمل هسبينڊري اينڊ وٽرينري سائنسز ۽ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، جيڪو سخت مقابلي کانپوءِ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ٽيم 2-0 جي اسڪور تان کٽي ورتو ۽ چيمپيئن شپ جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي، فائنل ميچ ۾ سي پي ڊي فيڪلٽي جي رانديگر صارم ٻئي گول ڪري مئن آف دي ميچ جو اعزاز ماڻي ورتو، جڏهن ته سيريز جو بهترين رانديگر اقبال بلوچ رهيو، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري فاتح ۽ رنر ٽيمن وچ ۾ ٽرافيون ورهايون، تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ تعليمي سرگرمين سان گڏ راندين جا ميدان به آباد آهن ۽ شاگردياڻين کي به راندين جا موقعا فراھم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جا شاگرد نه صرف پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين ۾ راندين ۾ حصو وٺن ٿا، پر زرعي يونيورسٽي قومي سطح تي راندين جي ميزباني به ڪري ٿي، ڊائريڪٽر اسپورٽس انور حسين خانزادي چيمپيئن شپ بابت آيل مھمانن کي آگاهي ڏني، ان موقعي تي ڊين سي پي ڊي ڊاڪٽر عنايت الله راجپر، ڊين اينمل هسبينڊري اينڊ وٽرينري سائنسز ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، استاد، شاگرد ۽ شوقينن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.