ڪراچي-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته حضور پاڪ صه سموري انسانيت لاءِ رحمت آهن، سموري دنيا ۾ مسلمان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن، حضور صه جي ڏسيل راهه تي عمل ڪري مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ انسانيت جي صحيح نموني خدمت ڪري سگهجي ٿي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اسان جو پيارو نبي حضرت محمد ﷺ جن، مسلمانن لاءِ آخري نبي ته آهن پر هو سموري انسانيت لاءِ رحمت پڻ آهن. هن چيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت ۽ تعليمات ۾ امن، محبت، ڀائيچاري، انصاف، ايمانداري، خيرخواهي، سچائي، خلوص، رواداري، رحمدلي ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏنل آهي، جنهن تي اسان ٿورو به عمل ڪيون ته به اسان سٺا مسلمان ۽ سٺا انسان بڻجي سگهون ٿا. هن چيو ته اسان پنهنجي نبي حضرت محمد ﷺ جن جي بابرڪت زندگي ۽ تعليمات تي عمل ڪري ئي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گڏ انسانيت جي صحيح نموني خدمت ڪري سگهنداسين ۽ اڄ مسلمان امت کي پنهنجي پياري نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو سموري دنيا ۾ مسلمان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۽ ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول جي شاگردن جي، عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ حصو وٺڻ تي تعريف ڪندي چيو ته کين انهن کي قومي سطح تي ٿيندڙ اهڙن پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ جي ڊائريڪٽر محمد نعيم احمد ۽ سندس ٽيم کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم شاندار طريقي سان منعقد ڪرڻ تي پڻ ساراهيو. عيد ميلادالنبي صه جي تقريب ۾ يونيورسٽي جي ڊينز، مختلف تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.