اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم ملتان جي مقامي هوٽل پهچي وئي آهي . ڏکڻ آفريقي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي آجيان روايتي انداز ۾ ڪئي وئي. مهمان ٽيم جو جمعي تي آرام جو ڏينهن هو جڏهن ته پاڪستان ويمنز ٽيم (اڄ) ڇنڇر تي 3:30 وڳي انضام الحق ڪرڪيٽ ٽيم اڪيڊمي ۾ ٽريننگ ڪندي. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي ٽي 20 سيريز جي شروعات 16 سيپٽمبر کان ٿيندي.