بيلفا سٽ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اربع 11 سيپٽمبر تي سول سروس ڪرڪيٽ ڪلب، بيلفا سٽ ۾ کيڏي ويندي. مهمان انگلينڊ جي وومينز ٽيم کي ميزبان آئيلينڊ جي وومين ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي . سول سروس ڪرڪيٽ ڪلب، بيلفا ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي وومين ٽيم ميزبان آئرلينڊ کي 4 وڪيٽن تان هارايو هيو جڏهن ته ان هنڌ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ برطانوي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ميزبان آئرلينڊ جي وومينز ٽيم کي وڏي مارجن 275 رنسن تان نه رڳو شڪست ڏني پر ٽن ميچن ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪئي آهي.