ميلبورن -06 سيپٽمبر (اي پي پي ) آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي . ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي) جي پڌرائي موجب آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان برطانوي ٽيم خلاف 3 ٽي – ٽوئنٽي جڏهن ته 5 ون ڊي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 11 سيپٽمبر کان ٿيندي. اها ميچ روز بال ، سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 13 سيپٽمبر تي صوفيه گارڊنز، ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 سيپٽمبر تي ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 سيپٽمبر تي ٽرينٽ برج ناٽنگهم ۾ ٿيندي.