لنڊن -03 شيپٽمبر (اي پي پي ) انگلينڊ ڪرڪٽ ٽيم جي مشهور مڊل آرڊر بيٽسمين جوروٽ چيو آهي ته سريلنڪا جي ٽيم کي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به شڪسٽ ڏئي سيريز ڪلين سوئيپ ڪنداسين. هن چيو ته مهمان ٽيم کي شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٽيم جا حوصلا بلند آهن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سندس ٽيم ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رکي آهي سندس ٽيم ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن جيڪي ڪهڙي به وقت ميچ کي بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. 33 سالن جي جوروٽ چيو ته هو مهمان ٽيم خلاف کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن وانگر ٽئين ميچ ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته هو مڪمل طور فٽ آهي ۽ آئي لينڊرز خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت لاءِ بيتاب آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مشن ڪلين سوئيپ جي مقصد لاءِ سندس ٽيم کي ٽنهي شعبن ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.