ميڊرڊ-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس جو 79 هون ايڊيشن اسپين ۾ جاري آهي جيڪو 21 مرحلن تي ٻڌل آهي. ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس ۾ گذريل ڏينهن آرام جو ڏينهن هيو ، ريس جو 16 هون مرحلو (اڄ) ٿيندو جنهن ۾ سائيڪل سوار لوانڪو مان لاگوس ڊي ڪوواڊورنگا تائين 181.5 ڪلو ميٽر فاصلو طئي ڪندو جيڪو جبل ٽريڪ تي هوندو. ريس ۾ 22 ٽيمن جا سائيڪلسٽ ايڪشن ۾ آهن. آسٽريليا جي سائيڪل سوار بين اليگزينڊر اوڪونر ڇهون مرحلو کٽڻ سميت ريڊ جرسي تي قبضو حاصل ڪيو هيو. ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس ۾ ڪل 21 مرحلن ۾ شرڪت ڪندڙ سائيڪل سوار ڪل 3304.3 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئي ڪندا. ويلٽا اسپانيا سائيڪل ريس 21 سيپٽمبر تي اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ ۾ ختم ٿيندي.