نيويارڪ-03 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جو ٽينس اسٽار، عالمي نمبر پنج ڊينيئيل مدويديف، آسٽريليا جو ايلڪس ڊي مينور ۽ انگلينڊ جو ٽينس رانديگر جيڪ ڊريپر پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا آهن. هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن.