نئين دهلي _28 آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير پاڪستان ٽيم جي رانديگرن تي اڪثر ناڪاري تبصرو ڪندو رهندو آهي، پر هن وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي تعريف ڪندي چيو آهي ته بابر کي ڪنهن کي به ڪجهه ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي کيس ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني جي ڪا ضرورت آهي. بابر اعظم وٽ ايتري ڪوالٽي آهي جو هو پاڪستان جو اهڙو بيٽسمين بڻجي سگهي ٿو جيڪو اڄ تائين پيدا ناهي ٿي سگهيو.