لنڊن-27 آگسٽ (اي پي پي) انگلش پريميئر فٽبال ليگ ۾ 31 آگسٽ تي وڌيڪ 7 ميچون کيڏيون وينديون. اي پي ايل ۾ فٽبال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ آرسنل ۽ برائٽن اينڊ هو والبيون جي ٽيمن وچ ۾ ايمريسٽن اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ برينٽ فورڊ ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي، ٽين ميچ ۾ ايورٽن ۽ بورن مائوٿ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ ليور پول ۾ کيڏي ويندي .چوٿين ميچ ايپسوچ ٽائون ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ ايپسوچ ۾ کيڏي ويندي. پنجين ميچ ليسٽر سٽي ۽ آسٽن ولا جي ٽيمن وچ ۾ ليسٽر ۾ کيڏي ويندي . ڇهين ميچ ناٽنگهم فاريسٽ ۽ وولور هيمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ ميچ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ۽ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ وچ ۾ لنڊن ۾ کيڏي ويندي.انگلش پريميئر فٽبال ليگ جي 33هين سيزن هلندڙ مهيني جي وچ ڌاري شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا مجموعي طور تي ٽاپ فلائيٽ انگلش فٽبال جو 126هون ايڊيشن آهي. اي پي ايل ۾ شامل 20 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪنديون.