ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ صحافي جي قتل جو نوٽيس وٺندي قاتلن کي فور تي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير اعلى هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق هن صحافي محمد بچل جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ تيز ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ ڪٽنب کي صبر عطا ڪري.