اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) قومي ايٿليٽ حيدر علي پيرس پيرا اولمپڪ گيمز ۾ شرڪت جي لاءِ پيرس روانو ٿي ويو. ساڻس گڏ گوچ اڪبر علي مغل پڻ روانو ٿيو. پيرس پيرا اولمپڪ گيمز 28 آگسٽ کان 8 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي جنهن ۾ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ڊيسڪ ٿرو 6 سيپٽمبر تي اڇلائيندو. سندس ڪوچ اڪبر علي مغل سندس تياري جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته حيدر علي پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ ايونٽ جي ڀرپور تياري ڪئي. حيدر علي جو تعلق پهلوانن جي شهر گوجرانوالا سان آهي. ان کان اڳ حيدر علي جاپان پيرا اولمپڪ گيمز ۾ پڻ سون جو تمغو حاصل ڪرڻ سان گڏ چين ۾ کيڏي ويندڙ ايشين پيرا اولمپڪ گيمز ۾ پڻ سون جو تمغو حاصل ڪري چڪو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت حيدر علي کي تربيتي ڪئمپ دوران سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حيدر علي پيرس پيرا اولمپڪ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو.