راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) مڊل آرڊر بيٽسمين سعود شڪيل پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين 1000 رنسون مڪمل ڪرڻ وارو گڏيل طور تي پهريون رانديگر بڻجي ويو، هن اهو اعزاز بنگلاديش خلاف راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ حاصل ڪيو. سعود شڪيل 20 اننگز ۾ اهو سنگ ميل پار ڪيو، پاڪستان جي اڳوڻي بيٽسمين سعيد احمد کي به 20 اننگز ۾ 1000 رنسون مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، صادق محمد 22 اننگز جڏهن ته جاويد ميانداد 23 اننگز ۾ 1000 رنس مڪمل ڪيا هئا.