اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ، ٿرڊ سائيڪل (2025-2023) تحت بنگلاديش پاڪستان خلاف 2 ميچن جي ٽيسٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 3 وڪٽن جي نقصان تي 57 رنسون ٺاهيون آهن. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ راولپنڊي ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ دير سان شروع ٿي، ميچ صبح 10 وڳي شروع ٿيڻي هئي پر گرائونڊ آلو ٿيڻ سبب پهرين ڏينهن جي راند ٻنپهرن 2 لڳي 30 منٽ تي شروع ٿي، پهرين ڏينهن 48 اوورز جي راند ٿي. ٽاس کٽڻ بعد بنگلاديش پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ راند جي شروعات تي ئي پهرين ڪاميابي ان وقت ملي جڏهن عبدالله شفيق 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان بعد ڪپتان شان مسعود به صرف 6 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.