ابوظهبي-21 آگسٽ (اي پي پي) آءِ سي سي ويمنز ٽي ٽوئٽي ڪپ 2024ع بنگلاديش بدران گڏيل عرب امارات ۾ 3 کان 20 آڪٽوبر تائين کيڏيو ويندو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان مطابق آءِ سي سي ويمنز ٽي ٽوئٽي ڪپ ٽورنامنٽ جو نائون ايڊيشن آڪٽوبر ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) ايونٽ جي ميزباني جاري رکندو. 10 ملڪي ايونٽ گڏيل عرب امارات جي 2 هنڌن تي 3 کان 20 آڪٽوبر تائين دبئي ۽ شارجه ۾ منعقد ٿيندو.