حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قدم گاه مولا علي حيدرآباد جي فقيرن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ نغارا وڄائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ فقير اياز چيو ته اسان کي نغارا وڄائڻ جي لاءِ دعوت ڏئي گهرايو ويو هو ۽ اسان جڏهن اتي پهتاسين ته اسان کي ڪانفرنس مان ٻاهر ڪڍي نغارا اڇلايا ويا. هن چيو ته اسان قلندر ۽ موليٰ علي جا فقير آهيون ۽ اسان جو ڪم ئي نغارا وڄائي روزي ڪمائڻ آهي پر لطيف جي ميلي تي اسان جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.