گيانا- 12 آگسٽ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ۽ آخري ميچ 15 آگسٽ کان پرويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز چيمپئين شپ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ کيڏيل چئن ڏينهن جي وارم اپ ميچ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي. جڏهن ته ان کان پوءِ ٻن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ به بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي هئي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي جتي هن پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽونٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 15 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين ڪو پروويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽن ٽي ٽونٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ پهچندي جنهن جي پهرين ميچ 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروباٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻئين 24 آگسٽ تي ۽ ٽين ۽ آخري 27 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جون ٽن ٽي ٽونٽي ميچون برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.