ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 12 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ نوجوانن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. نوجوانن جي صلاحيتن ۽ موثر ڪردار سان اسان جو ملڪ شاندار انداز ۾ ترقي جي منزل حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جو ملڪ خاص طورتي سنڌ جا نوجوان قابل ۽ باصلاحيت آهن. نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ سڄي ملڪ ۾ پيپلز پارٽي خوشحالي آڻيندي. پيپلز پارٽي هميشه نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. سنڌ حڪومت نوجوانن جي ترقي ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن جي ترقي سان سندن خاندان، سماج ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿيندو. سنڌ جي نوجوانن کي معاشي خود مختياري ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن.