پيرس-08 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي پارڪ تائي جون پيرس اولمپڪس 2024ع جي تائيڪوانڊو ۾ مردن جي 58 ڪو گرام جي مقابلي ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو آهي. انهن مقابلن ۾ آزربائيجان جي گاشم ماگو ميدور چاندي جڏهن ته ميزبان فرانس جي سائرين ريويٽ ۽ تيونس جي محمد خليل جندوبي کي ٽامي جو تمغو ڏنو ويو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جي مردن جي 58 ڪلو گرام جي فائنل مقابلي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي پارڪ تائي جون بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آذربائيجان جي گاشم ماگوميدوف کي آساني سان 0-2 تان شڪست ڏئي ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو، جڏهن ته ميزبان فرانس جي سائرين ريويٽ ۽ تيونس جي محمد خليل جندوبي کي ٽامي جو تمغو ڏنو ويو.