پيرس -08 آگسٽ (اي پي پي ) اولمپڪس گيمز ايٿليٽڪس مقابلن ۾ مراڪش جي ايٿليٽ سفيان البڪعلي مينز 3000 ميٽر اسٽيپلچيس مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ لاءِ گولڊ ميڊل کٽي ورتو. مردن جي 3000 ميٽر اسٽيپلچيس ڊوڙجي مقابلي ۾ مراڪش جي سفيان البڪعلي بهترين ڪارڪردگي عيوض گهربل مفاصلو 8 منٽن ۽ 06.05 ۾ طئي ڪري سون جو تمغو حاصل ڪيو. آمريڪا جي ايٿليٽ ڪينته روڪس گهربل مفاصلو 8 منٽ ۽ 6.41 سيڪنڊن ۾ طئه ڪري ٻي پوزيشن سميت چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو ۽ ڪينيا جي ايٿليٽ ابراهيم ڪبيوٽ گهربل مفاصلو 8 منٽ ۽ 6.47 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ٽئين نمبر تي رهندي ڪانسي جو تمغو حاصل ڪيو.