پيرس-08 آگسٽ (اي پي پي) نيڌر لينڊ ۽ چين جي ٽيمن ۾ پيرس اولمپڪس جي مردن جي فيلڊ هاڪي جو فائينل اڄ کيڏيو ويندو. ان کان اڳ کيڏيل مردن جي فيلڊ هاڪي ايونٽ جي پهرين سيمي فائينل ميچ ۾ نيڌر لينڊ ۽ ارجنٽائين جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون هيون جنهن ۾ نيڌر لينڊ جي ٽيم آساني سان ارجنٽائين جي ٽيم کي ٻُڙي جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪيو. ٻئي سيمي فائينل ۾ چين جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد بيلجيم جي ٽيم کي 2 جي مُقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. هاڻي نيڌر لينڊ ۽ چين جي ٽيمن وچ ۾ سون جي تمغي لاءِ ميچ جمعي ڏينهن 09 آگسٽ تي کيڏي ويندي.