پيرس _ 01 آگسٽ (اي پي پي ) آمريڪي ٽينس اسٽار آسٽن ڪريجڪ ۽ سندس هم وطن جوڙي دار راجيورام تي ٻڌل آمريڪي ففٿ سيڊڊ جوڙي پيرس اولمپڪس ۾ ٽينس ايونٽ ۾ مردن جي ڊبلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي . آسٽن ڪريجڪ ۽ راجيو رام تي ٻڌل آمريڪي جوڙي مردن جي ڊبلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ اسپين جي مشهور اسٽار رافيل نڊال ۽ سندس هم وطن جوڙي دار ڪارلوس الڪاراز تي ٻڌل اسپين جي جوڙي کي شڪست ڏني. پيرس اولمپڪس گيمز 2024ع ۾ ٽينس ايونٽ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.