برن _18 جولاءِ (اي پي پي ) يونان جو ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جو ٽاپ سيڊڊ اسٽيفانوس ۽ اٽلي جو ٽينس رانديگر فابيوگنيني سوئيس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪورٽر فائينل ۾ پهچي ويا آهن . اسٽيفانوس مينز سنگلز جي ٻئي رائونڊ جي ميچ ۾ سربيا جي حريف حماد ميڊ جيڊوچ کي جڏهن ته اٽلي جي فابيوفوگنيني پيرو جي جان پابلوواريلا کي شڪست ڏني . سوئٽزرلينڊ ۾ اي ٽي پي سوئيس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا گيسٽاڊ ڪي رائي ايمرسن ايرينا ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ڪوارٽر فائينل رائونڊ ۾ اسٽيفانوس جو مقابلو فابيوفوگنيني سان ٿيندو