لنڊن _18 جولاءِ (اي پي پي ) انگلش پريمئير فوٽ بال ليگ جي 33 هين سيزن جي شروعات 17 آگسٽ کان ٿيندي. اهو مجموعي طورتي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 126هون ايڊيشن هوندو جنهن جي شيڊيول جو اعلان 18 جون 2024ع تي ڪيو ويو هو. مانچيسٽر سٽي جي ٽيم اي پي ايل ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي. اها ٽيم گذريل ايڊيشن کٽڻ بعد انگلش ٽاپ فلائيٽ جي تاريخ ۾ مسلسل چار ڀيرا ڪاميابي ماڻيندڙ پهرين مردن جي فوٽ بال ٽيم بڻجي وئي هئي . 20 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ مقابلو ڪنديون