لاهور _ 10 جولاءِ (اي پي پي ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڳوڻن ڪرڪيٽرن عبدالرزاق ۽ وهاب رياض کي قومي سليڪشن ڪميٽي کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي پاران گذريل ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته عبدالرزاق ۽ وهاب رياض جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت نه آهي. پي سي بي جي ترجمان مطابق عبدالرزاق مردن ۽ عورتن جي سليڪشن ڪميٽي جو ميمبر هو. جڏهن ته وهاب رياض مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو ميمبر هو. ترجمان مطابق پي سي بي ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ بابت وڌيڪ معلومات بعد ۾ فراهم ڪئي ويندي.