اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محرم الحرام ۾ امن امان جي لاءِ صوبن سان ٺوس رابطو برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي معاملن ۾ تعاون سان قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي سگهه ملندي، معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ شفافيت ۽ خوداحتسابي جي ضرورت آهي، معيشت جو رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ سخت فيصلا ۽ سڌارا ڪرڻا پوندا، ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي ڪم ۾ سستي ۽ دير وارا حربا برداشت نه ڪيا ويندا، ڪراچي بندرگاهه ۾ 1200 ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ کان انڪار ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، چين سان تعاون کي فروغ تي تيزي سان اڳڀرائي يقيني بڻائڻي پوندي، روس جي صدر سان ملاقات ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن جي فروغ تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ٿي، ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، سڄي ملڪ ۾ تيل سان هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، سمورين وزارتن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه خيبرپختونخواهه ۾ وزيرستان ۾ شهادتون ٿيون آهن. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڊي ايس پي کي پڻ شهيد ڪيو ويو. سندس درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون ۽ شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته محرم الحرام دوران گهرو وزارت ۽ صوبن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ ٺوس رابطو هجڻ گهرجي. صوبن کي وفاق پاران جيڪو به تعاون گهربل ٿيو انهن کي فوري فراهم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان پڻ ويجهو رابطو رکيو وڃي. سيڪيورٽي معاملن ۾ تعاون سان قومي يڪجهتي ۽ اتحاد کي سگهه ملندي. وزيراعظم چيو ته هن تاجڪستان جو دورو ڪيو ۽ پوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ملڪن جي سربراهن سان ڪارائتيون ملاقاتون رهيون. روسي صدر پيوٽن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن جي فروغ جي لاءِ ٺوس ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. چين جي دوري کانپوءِ اهم شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي لاءِ بريفنگ ورتي آهي. سمورين وزارتن کي چين سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڀرپور تياري ۽ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته هي ملڪ ۽ پاڪستان جي وسيلن جو معاملو آهي. اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. چين سان تعاون کي فروغ تي تيزي سان اڳڀرائي يقيني بڻائڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت، پاور وزارت ڊويزن ۽ قانون واري وزارت جي عملدارن ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ان جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير جو مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. ٽيوب ويلز جي لاءِ وفاق پاران ڏنل 80 ارب رپيا ضايع ٿي رهيا هئا، اسان هڪ تمام وڏو مرحلو طئي ڪيو. ان جي لاءِ ناڻي واري وزارت، پاور ڊويزن واري وزارت ۽ بلوچستان جي حڪومت ۽ خاص طور تي بلوچستان جي وڏي وزير کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن تمام سٺي طريقي سان ان معاملي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ 10 لک ٽيوب ويلز تيل تي هلي رهيا آهن ۽ اسان ساليانو 3 ارب ڊالر جو تيل درآمد ڪريون ٿا، سڄي ملڪ ۾ تيل سان هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، ان جي لاءِ هڪ بزنس ماڊل ٺاهڻ ۽ صوبن سان ويجهي رابطي جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي هڪ اهم قدم آهي. بلوچستان ۽ وڏي وزير ۽ وفاق جي لاڳاپيل آفيسرن محنت سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ آبادگارن کي سستي بجلي لندي. بجلي جي ٽرانسميشن لائينز کي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي چوري تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. شمسي توانائي سان پيدا ٿيندڙ سستي بجلي جو فائدو زراعت ۽ آبادگار کي ٿيندو ۽ زرعي شعبو تيزي سان ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جا بي پناهه ذخيرا موجود آهن جن مان فائدو کڻڻو پوندو. وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، معاشي بهتري جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڪنهن وزارت به ان ۾ جيڪڏهن سستي جو مظاهرو ڪيو ۽ دير وارا حربا اسعتمال ڪيا ته ان کي برداشت نه ڪيو ويندو، ڪنهن وزارت جي ذيلي اداري جي جيڪڏهن اهميت جي حوالي سان ڪو جائز عذر آهي ته اها الڳ ڳالهه آهي پر پنهنجي فائدي جي لاءِ ڪنهن کاتي جي دفاع کي قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن وٽ 10 کان 12 سامونڊي جهاز آهن پر پگهارون 500 ارب رپيا آهن ۽ 5 ارب ڊالر ملڪ ساليانو سامونڊي جهازن جي ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪري ٿو. ڪراچي بندرگاهه تي ٿيندڙ ڪرپشن کي روڪڻ جا قدم کڻڻا پوندا، ڪراچي بندرگاهه ۾ 1200 ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي، اهو پئسو ته ترقياتي منصوبن داسو ۽ ديامر ڀاشا ڊيم منصوبن تي خرچ ٿي سگهي ٿو. ڪرپشن جو خاتمو ڪري وسيلا عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪنداسين. بنگلاديش ۽ ڀارت وٽ اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ سامونڊي جهاز آهن. معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ شفافيت ۽ خوداحتسابي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ريئل اسٽيٽ جي شعبي تي ٽيڪسز سان 100 ارب رپيا حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته رڳو پگهاردار طبقي تي ٽيڪس هنيو وڃي ۽ ٻين اهڙن شعبن کي ڇڏي ڏيون جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ڍانچاجاتي سڌارا ڪرڻا پوندا، اميد آهي ته آءِ ايم ايف جو امڪاني پروگرام پاڪستان جو آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري جو هدف رڳو ڳالهين سان حاصل نه ٿيندو، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري جو هدف حاصل ڪرڻ قرباني ۽ جذبي سان ممڪن آهي، معيشت جو رخ صحيح ڪرڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا ۽ سڌارا آڻڻا پوندا، ڪرپشن جي خاتمي ۽ ٻين موثر انتظامي قدمن جي ذريعي ملڪي وسيلن ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته غريب ۽ لاچار طبقي جي مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ ٻين موثر انتظامي قدمن جي ذريعي ملڪي وسيلن ۾ اضافو ڪيو ويندو، غريب طبقي کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ وفاق ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب رپين جو انتظام ڪيو آهي، ٽن مهينن جي لاءِ بجلي جي صارفين کي ريليف ڏنو ويندو پر ان عرصي ۾ اضافي مالي وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو، اسان کي ڏينهن رات هڪ ڪري معاشي قدمن کي لاڀائتو بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي وڌيڪ آهي پر لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري ٿئي ٿي، خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، پي ڊبليو ڊي جي بندش جي فيصلي تي عملدرآمد ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان جي لاءِ 2 هفتا ڏنا ويا هئا اهي مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان کي ان کي مڪمل بند ڪرڻو آهي ۽ ان حوالي سان متبادل سسٽم جو پڻ انتظام ڪري ورتو آهي، پنجاب جي ماڊل تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪفايت شعاري کي اختيار ڪرڻو پوندو، قوم نتيجا چاهي ٿي، واپار وارو وزير برآمدات کي 60 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پلان تيار ڪري، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻيندي اڳتي وڌڻو آهي، سمورين وزارتن کي پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻي پوندي.