لاهور -09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان اڳوڻن ڪرڪيٽرن گذريل ڏينهن ڊگهي ملاقات ڪئي. اڳوڻن ڪرڪيٽرن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون پيش ڪيون ويون. پي سي بي جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ رانديگرن جي فٽنيس ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ تي به اتفاق ٿيو. اڳوڻن ڪرڪيٽرن ونٽر سيزن سان گڏ سمر سيزن ۾ به ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ جي تجويز ڏني ۽ 4 ڏينهن وارين ميچن ۽ انڊر 19 جا ٽورنامينٽس ڪرائڻ تي به اتفاق ٿيو. اسلام آباد، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊميون ٺاهڻ جون سفارشون به پيش ڪيون ويون. اڳوڻن ڪرڪيٽرن پاڪستاني ڪوچز جي معيار ۽ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ پاڪستاني پچز جي معيار تي به خدشن جو اظهار ڪيو. اڳوڻن ڪرڪيٽرن پي سي بي چيئرمين طرفان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪيل قدمن کي ساراهيو ۽ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اوهان پهرين به ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اميد آهي ته ڪرڪيٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين چيو ته ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ اوهان سان مشاورتي عمل جو سلسلو جاري رهندو. ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا ڪري ڇڏينداسين. محسن نقوي چيو ته 4 ڏينهن وارين ميچن ۽ انڊر 19 ٽورنامينٽس تي فوڪس ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستاني ڪوچز جو معيار وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڪوچز جو معيار عالمي سطح تي آڻڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ جا سمر سيزن ايبٽ آباد يا هنزه ۾ منعقد ڪرائڻ جو پلان ٺاهيو آهي. ڪمرشل ازم وڌي ويو آهي ان لاءِ ڊپارٽمينٽس ڪرڪيٽ تي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن. ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ گرائونڊ پي سي بي پاڻ وٺي رهيو آهي ۽ پچز جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته انشاالله سڀني جي مشاورت سان ڪرڪيٽ کي هيٺين سطح کان بهتر بڻائينداسين. هن سڀني تجويزن کي نوٽ ڪيو ۽ عمل جوڳين تجويزن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ملاقات ڪندڙ ڪرڪيٽرن ۾ انتخاب عالم، سليم الطاف، سڪندر بخت، اقبال قاسم، هارون رشيد، صادق محمد، شفيق پاپا، سليم يوسف، ياسر حميد، ياسر شاهه، سرفراز احمد، اعجاز احمد، باسط علي، وجاهت الله واسطي، عاصم ڪمال، محمد سميع، راشد خان، عامر ملڪ، شفقت رانا، عبدالرئوف، سلمان بٽ، اظهر خان ۽ اظهر محمود شامل هئا. چيف آپريٽنگ آفيسر پي سي بي سلمان نصير، ڊائريڪٽرز نديم خان، عثمان واهله، عبدالله خرم نيازي، انالسٽ بلال افضل ۽ ٻيون اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون.