لاهور -09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پي سي بي ويمنز ڪرڪيٽ يونيورسٽي ٽورنامينٽ دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ايل سي ڊبليو يو جي 2 رانديگرن عائشه امجد ۽ نجيهه علوي تي ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. پي سي بي ترجمان مطابق هي ٽورنامينٽ 28 مئي کان 3 جون تائين منعقد ٿيو هو. ٻنهي رانديگرن کي ڊريسنگ روم ۾ پيش آيل واقعو جڏهن پي سي بي جي ڌيان ۾ آندو ويو ته پنج رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن واقعي جي جاچ ۽ رانديگرن کان انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي فيصلي کان پي سي بي کي آگاهه ڪيو هو.