ميونخ – 03 جولاءِ (اي پي پي ) يورپئين فٽ بال چيمپئين شپ جو ٽاپ 8 رائونڊ جو لائين اپ مڪمل ٿي ويو آهي. اسپين، ميزبان جرمني، پرتگال، فرانس، انگلينڊ، سوئٽزرلينڊ، نيڌرلينڊ ۽ ترڪيه جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن . يوئيفا جي اهتمام هيٺ ميگا ايونٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي . جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . اسپين جي ميزبان جرمني، پرتگال، فرانس، انگلينڊ، سوئٽزرلينڊ، نيڌر لينڊ ۽ ترڪيه جون ٽيمون ڪوارٽر فائينل رائونڊ ۾ پهچڻ بعد ٽاپ 8 رائونڊ جو لائن اپ مڪمل ٿي ويو آهي . يورپئين فٽ بال چيمپئين شپ جون چارئي ڪوارٽر فائنل ميچون 5 ۽ 6 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.