برلن _ 03 جولاءِ (اي پي پي ) نيڌر لينڊ ۽ ترڪيه جون ٽيمون يورپين فٽ بال چيمپئن شپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون . نيڌر لينڊ جي ٽيم ٽاپ 16 ميچ ۾ رومانيه جي ٽيم کي آساني سان 0-3 گولن تان هارائي ٽاپ -8 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي . جڏهن ته ترڪيه جي ٽيم پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ انتهائي سخت مقابلي بعد آسٽريا جي ٽيم کي سخت مقابلي بعد هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارائي ڪوارٽر فائنل رائونڊ تائين رسائي حاصل ڪئي . يوئيفا جي اهتمام هيٺ يورپين چيمپئن شپ جا دلچسپ مقابلا جرمني ۾ جاري آهن . جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.