هراري -03 جولائي (اي پي پي )زمبابوي ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 6 جولائي تي هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي زمبابوي جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. زمبابوي ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 6 جولائي کان پهرين ميچ سان ٿيندي. اها ميچ هراري اسپورٽس ڪلب هراري ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم جي شبمن گل اڳواڻي ڪندو جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم جي سربراهي سڪندر رضا ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ 7 جولائي، ٽئين ميچ 10 جولائي، چوٿين ميچ 13 جولائي پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 14 جولائي تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ئي ٽي – ٽوئنٽي ميچون هراري اسپورٽس ڪلب، هراري ۾ کيڏيون وينديون