برسٽل-02 جولائي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن عالمي ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ميچ ڪائونٽي گرائونڊ، برسٽل ۾ اربع تي کيڏي ويندي. انگلينڊ جي وومينز ٽيم کي مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي . انگلينڊ جي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي وومين ٽيم کي 9 وڪيٽن، جڏهن ته ٻي ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. مهمان نيوزيلينڊ جي وومين ٽيم پنهنجي دوري دوران ميزبان انگلينڊ وومين ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ سوفي ڊيوائن ليڊ ڪندي جڏهن ته ميزبان انگلينڊ جي وومين ٽيم هيٿر نائٽ جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ڪرڪٽ ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ اربع تي ڪائونٽي برسٽل ۾ کيڏي ويندي.