لنڊن -02 جولائي (اي پي پي ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي پڌرائي موجب ويسٽ انڊيز جي ڪرڪٽ ٽيم هلندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي .مهمان ويسٽ انڊيز جي ٽيم پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آئي سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئين شپ جو حصو هوندي . ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 10 کان 14 جولائي تائين لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي . ٻي ٽيسٽ ميچ 18 کان 22 جولائي تائين ٽرينٽ برج ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي. ان کانپوءِ ٻئي ٽيمون ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ايجبسٽن ، برمنگهم پهچنديون جتي 26 کان 30 جولائي تائين آخري ٽيسٽ ميچ کيڏنديون . ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪريگ براٿويٽ ويسٽ انڊيز جي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو جڏهن ته ميزبان برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي بين اسٽوڪس ڪندو.