اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان، نيشنل پارٽي جي صدر عبدالمالڪ بلوچ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن سياسي اڳواڻن کي عيد جي مبارڪباد ڏني. سياسي اڳواڻن پڻ وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.