اسلام آباد– 19 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي پي سي) جي عالمي شعبي وارو وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ليو جيان چائو 20 کان 22 جون تائين اسلام آباد جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري دوران ليو جيان چائو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان سي پيڪ تي سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. هو پاڪستان جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. 2019ع ۾ قائم ٿيندڙ سي پيڪ تي سياسي پارٽين جو جي سي ايم چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ هڪ باقاعده مشاورتي مڪينزم آهي. ان کان اڳ 19 مارچ 2019ع تي بيجنگ ۾ ۽ 20 آگسٽ 2020ع تي ورچوئل طور تي ملاقاتون ٿيون هيون. جي سي ايم جي ٽئين اجلاس ۾ پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي ڪردار ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن ۽ توسيع جو جائزو ورتو ويندو. هي دورو چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين سميت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو هڪ حصو آهي. اهو ٻنهي ملڪن پاران ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، لاڳاپيل بنيادي مفادن جي معاملن تي گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ، سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائين تي مواصلات ۽ مڪالمي کي وڌائڻ جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿو.