اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.