نوابشاهه – 18 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان بالو جا قُبا ويو ۽ پنهنجي والدين جي قبرن تي حاضري ڀري، گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي والده بيگم بلقيس سلطانه ۽ والد حاڪم علي زرداري جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي. صدر بالو جا قُبا قبرستان ۾ ٻين مائٽن جي قبرن تي پڻ گل چاڙهيا. هن ان موقعي تي مرحومين جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر پڻ ساڻس گڏ هئي.