اسلام آباد– 14 – جون (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته چشما لفٽ ڪئنال جي لاءِ 19 ارب رپيا رکڻ تي وزيراعظم ۽ واپڊا چيئرمين جا ٿورائتا آهيُون،خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، وڏو وزير ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائي، بريفنگ وٺي ۽ صوبائي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي، پي ٽي آءِ جو بلين ٽري منصوبو ڪٿي آهي ڪا خبر نه آهي، چڪدره دير چترال موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم سان منهنجون ملاقاتون ٿيون آهن، وزيراعظم ۽ واپڊا چيئرمين ٿورا ادا ڪريون ٿا جن چشما لفٽ ڪئنال جي لاءِ 19 ارب رپيا رکيا. هن چيو ته هن سال افتتاح ڪنداسين، فائدو ٿيندو، پروجيڪٽ جي تڪميل سان خيبرپختونخواهه صوبو پاڪستان سميت ٻاهر به ڪڻڪ ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته چڪدره دير چترال موٽروي جو ڪم جلد شروع ڪنداسين. هن چيو ته پشاور کان اسلام آباد آيس، ڪجهه ملاقاتون هيون. خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته بجيٽ تي مختلف پارٽين جي مختلف راءِ هئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، وڏو وزير ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائي، بريفنگ وٺي ۽ صوبائي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ جي نئين حڪومت بلين ٽري جو نالو وٺڻ کان قاصر آهي، بلين ٽري منصوبو ڪٿي آهي ڪا خبر نه آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت تعليم جي وڏي ڳالهه ڪري ٿي، صوبي جي 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر نه آهن، پوري ڪوشش آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي مسئلن کي حل ڪريون ۽ حق ڏياريون ان جي لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته تعليمي ماهرن کي ويهارينداسين ته اسان تعليمي نظام کي وڌيڪ ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا.