اسلام آباد– 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هيلٿ انشورنس اسڪيم جي پهرين مرحلي ۾ 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس ٿيندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ هڪ هزار صحافين ۽ ميديا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس ملندي، ميڊيا ادارن کي گرانٽ فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمري تي صحيحون ڪيون آهن، ڪوشش آهي ته صحافتي تنظيمن کي ملندڙ گرانٽس صوبن جي برابر ڪئي وڃي، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز جي لاءِ قانونسازي ۾ سمورين صحافتي تنظيمن ۽ ڌرين جي راءِ شامل ٿيڻ گهرجي، اسان جي ڪوشش هوندي ته صحافين جي حقن جا ضامن بڻجون، صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. اها ڳالهه نيشنل پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن ذاتي طور تي وزيراعظم کي صحافي برادري جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن چيو ته حڪومت صحافين جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ خوش اسلوبي سان ڪوششون ڪيون، اها ڳالهه خوش آئنده هوندي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي رهتن جا چيڪ آءِ ٽي اين اي جي پليٽ فارم بدران ميڊيا هائوسز جي آفيسن ۾ ورهايا وڃن. صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جي بحالي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب هيلٿ انشورنس اسڪيم شروع ڪئي هئي، اها اسڪيم هاڻي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم جي پهرين مرحلي ۾ 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس ٿيندي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ هڪ هزار صحافين ۽ ميديا ورڪرز کي هيلٿ انشورنس ملندي. هن چيو ته صحافين جي سروس دوران غيرفطري فوت ٿيڻ جي صورت ۾ مالي معاونت کي هيلٿ انشورنس ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافي برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، وفاقي سطح تي ميڊيا ادارن کي گرانٽ فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمري تي صحيحون ڪيون آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته صحافتي تنظيمن کي ملندڙ گرانٽس صوبن جي برابر ڪئي وڃي. اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان هن چيو ته آئون سياسي ڪارڪن رهيو آهيان، مشڪل دور ڏٺو آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڊس انفارميشن جو سلسلو به جاري آهي، اهڙي طرح جي مسئلن جي حل لاءِ اسان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڊيجيٽ پليٽ فارمز جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهنجي ڪا شڪايت هوندي آهي ته ان جي دادرسي جي لاءِ فورم هجڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ به اهو معاملو آيو هو پر ان کي منظور نه ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سمورين ڌرين کي شامل ڪري هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ اهو ڪم سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪيو وڃي. هن چيو ته ان ۾ جيستائين صحافتي تنظيمن جي رضامندي شامل نٿي ٿي وڃي، تيستائين اهو قدم نه کنيو ويندو، ان ۾ توهان جي مشاورت ۽ راءِ شامل هجڻ ضروري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ انهن سان ”ميٽ دي پريس“ جي تفصيلي ويهڪ رکي ويندي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حوالي سان پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ فورم موجود آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته ناليوارن صحافين گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس سان رجوع ڪيو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح صحافين جي ڀلائي جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو قدم کنيو آهي، اهڙي طرح حڪومت پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي پاليسي تي عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ميڊيا هائوسز، اي پي اين ايس ۽ پي بي اي سان پڻ ڳالهه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان صحافين جي حقن جا ضامن بڻجون ۽ انهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايون. هن چيو ته صحافي برادري جي لاءِ منهنجي آفيس جا دروازا سدائين کليل آهن.