ڪراچي-14 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ 30کرب ۽ 56 ارب رپين جي رڪارڊ متوازن بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن لاءِ 22 کان 30 سيڪڙو واڌ ۽ 959 ارب رپين جي ترقياتي خرچن جون تجويزون پيش ڪيون آهن جيڪي خرچن جو 31 سيڪڙو آهن. بجيٽ ۾ بنيادي طور تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ غريبن جي سماجي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي. وڏي وزير بجيٽ دوران ملازمن جي رليف بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان گريڊ 6 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي، اسان گريڊ هڪ کان 6 تائين جي ملازمن لاءِ پرسنل الائونس 2024ع پڻ متعارف ڪرايو آهي، ان رليف ذريعي سندن ماهوار پگهار گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار ماهوار تائين پهچي ويندي، جيئن وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙن شاندار قدمن سان نان گزيٽيڊ ڪيٽيگري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ناڻي واڌ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ آساني ٿيندي، جڏهن ته گريڊ 7 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. اهڙي ريت رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز آهي. بجيٽ دستاويزن ۾ سنڌ صوبي جي ڪل امڪاني آمدني 3 کرب رپيا ٻڌائي وئي آهي جنهن ۾ وڏو حصو وفاقي منتقلين جو 62 سيڪڙو تي آهي ۽ ان کانپوءِ صوبائي اوڳاڙين جو 22 سيڪڙو تي ٻڌل آهي. ان کان علاوه ٻين اوڳاڙين ۾ 22 ارب رپيا ڪرنٽ ڪيپيٽل، پرڏيهي پراجيڪٽ امداد 334 ارب رپيا، 77 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي ۽ ٻيون وفاقي گرانٽس، 6 ارب رپيا پرڏيهي گرانٽس ۽ ڪيري اوور ڪيش بيلنس ذريعي 55 ارب رپيا آهن. 662 ارب رپين جي صوبائي اوڳاڙين ۾ 350 ارب رپيا سروسز تي سيلز ٽيڪس، 269 ارب رپيا جي ايس ٽي پلس ٽيڪس ۽ 42.9 ارب رپيا صوبائي نان ٽيڪس اوڳاڙيون شامل آهن. فنڊ رکڻ جي حوالي سان وڏي وزير چيو ته 63 سيڪڙو يعني 1.9 ٽرلين روپيا موجوده روينيو تي خرچ ٿين ٿا، 6 سيڪڙو يعني 184 ارب روپيا موجوده سيڙپڪاري لاءِ ۽ باقي 31 سيڪڙو يعني 959 ارب روپيا ترقياتي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. هن چيو ته پگهارن جو سڀ کان وڏو حصو 38 سيڪڙو آهي، جنهن کانپوءِ مختلف پروگرامن لاءِ گرانٽس 27 سيڪڙو آهي. نان – سيلري خرچ 21 سيڪڙو آھن جن ۾ آپريشنل خرچ، منتقلي، وياج جي ادائيگي ۽ ٻيا شامل آھن. ملازمن جي پينشن ۽ ريٽائرمينٽ جا فائدا موجوده خرچن جو 14 سيڪڙو آهن. ڪرنٽ ڪيپيٽل خرچن ۾ 42 ارب رپيا قرضن جي واپسي ۽ ٻين ادائگين لاءِ رکيل آهي جڏهن ته 142.5 ارب رپيا سرڪاري سيڙپڪاري لاءِ رکيا ويا آهن. ترقياتي خرچن ۾ صوبائي اي ڊي پي شامل آهي جنهن ۾ 493 ارب رپيا پرڏيهي پراجيڪٽن جي امداد، 334 ارب رپين جي پرڏيهي پروجيڪٽ جي امداد، 77 ارب رپين جي پي ايس ڊي پي ذريعي ۽ ٻيون وفاقي گرانٽس ۽ 55 ارب رپيا ضلعي جي اي ڊي پي شامل آهن. مختص ڪيل رقم مان سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سماجي خدمتن ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏني وئي آهي. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ رقم 519 ارب رپيا رکي وئي آهي جنهن مان 459 ارب رپيا موجوده روينيو خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. جڏهن ته صحت لاءِ 334 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن مان 302 ارب رپيا موجوده خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ لوڪل ڪائونسلن جي بجيٽ 121 ارب رپين مان وڌائي 160 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ بنيادي انفرااسٽرڪچر جي اهم شعبن لاءِ به وڏا وسيلا رکيا ويا آهن جن ۾ زراعت لاءِ 58 ارب رپيا (موجوده خرچن لاءِ 32 ارب رپيا)، توانائيءَ لاءِ 77 ارب رپيا (جاري خرچن لاءِ 62 ارب رپيا)، آبپاشي لاءِ 94 ارب رپيا (موجوده خرچن لاءِ 36 ارب رپيا)، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا ۽ منصوبابندي ۽ ترقيءَ لاءِ 30 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب رپيا، ايس جي اينڊ سي ڊي(SG&CD) لاءِ 153 ارب رپيا ۽ گهرو کاتي لاءِ 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته تعليم، صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر جي ترقي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي آهي. امدادي اپائن بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سماجي ۽ معاشي ڀلائي خاص طور تي تازي آيل ٻوڏ جي بحالي کي اوليت ڏني وئي آهي. ڪيترائي اهم امدادي قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان گريڊ 6 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏني آهي، ان کانسواءِ گريڊ هڪ کان 6 تائين جي ملازمن لاءِ پرسنل الائونس 2024ع پڻ متعارف ڪرايو آهي، گريڊ 7 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن جي پگهارن ۾ 22 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. اهڙي ريت رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز آهي. ان کان علاوه گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37,000 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير چيو ته سماجي سيڙپڪاري لاءِ 34.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي وچولي طبقي جي آبادي کي سڌي سنئين مدد فراهم ڪندا. بجيٽ ۾ شهرين تي بار گهٽائڻ لاءِ 116 ارب سبسڊي پروگرام شامل آهن. محفوظ پناهه گاهه لاءِ هائوسنگ اسڪيمن تحت 25 ارب رپيا رکيا پيا وڃن. صوبي جي نون قدمن بابت سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ فوري امدادي قدمن لاءِ پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، ڪيترائي نوان قدم صوبي جي معيشت ۽ سماجي ڀلائي لاءِ کنيا ويا آهن جنهن تحت هاري ڪارڊ تحت 8 ارب رپيا رکڻ سان 12 ملين هارين کي مالي سهائتا ملندي جنهن سان سنڌ جي زراعت مضبوط ٿيندي. ملير ايڪسپريس وي تي ڪورنگي جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ تعليم، بحالي، تربيت، هائوسنگ، طبي خدمتون، تفريحي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انڪليو ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پوليس ۾ پهريون ڀيرو 485 پوليس ٿاڻن لاءِ مخصوص بجيٽ رکي وئي آهي ته جيئن سندن روزاني خرچن، گشت، سار سنڀال ۽ عوامي خدمت ڪري سگهجي. 5 سالن دوران سولرائيزيشن لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا جنهن جو مقصد سولر هوم سسٽم جي ورڇ ۽ توانائي تائين رسائي کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حب ڪينال وانگر نئين ڪينال جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا. مزدور ڪارڊ تحت 5 ارب روپين جو فلاحي پروگرام سنڌ ۾ مزدورن جي مدد ڪندو. غريبن لاءِ پروگرام ۾ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بجيٽ ۾ زراعت لاءِ 12 ارب رپيا، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز لاءِ 3.2 ارب رپيا، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ لاءِ 2 ارب رپيا ۽ ڊي اي ايف ڊي لاءِ 1.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. امداد/گرانٽس بابت سنڌ جي صوبائي بجيٽ تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال لاءِ وڏين گرانٽس ذريعي انساني سيڙپ ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏئي ٿي. وڏين گرانٽس جي ڪل رقم 190 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 35 ارب رپيا خاص ڪري سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. اهي گرانٽس وڏين اسپتالن ۽ طبي ادارن جهڙوڪ ايس آ يو تي ، اين آءِ سي وي ڊي ، انڊس اسپتال ۽ ٽراما سينٽرن کي پڻ مدد ڏين ٿيون. هن ٽارگيٽيڊ فنڊنگ جو مقصد تعليمي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ معياري صحت جي خدمتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ آهي.